ميرپورخاص ۾ جمڙائو ڪئنال مان تاريخي ٻيڙي هٿ آئي آهي، جنهن تي يو ايس آرمي ۽ 28 جنوري 1944 لکيل آهي

Mirpur-Khas-map

ميرپورخاص ۾ جمڙائو ڪئنال مان تاريخي ٻيڙي هٿ آئي آهي، جنهن تي يو ايس آرمي ۽ 28 جنوري 1944 لکيل آهي.

جمڙائو ڪئنال کي پڪو ڪرڻ واري ڪم دوران کوٽائي هلي رهي هئي ته جمڙائو جي پيٽ مان تاريخي ٻيڙي هٿ آئي آهي.

تاريخي ٻيڙي تي المونيم جي هڪ پليٽ به لڳل آهي، جنهن تي يو ايس آرمي ۽ 28 جنوري 1944 لکيل آهي.

تاريخي ٻيڙي کي ماڻهو پري پري کان ڏسڻ لاءِ پهچي ويا، جڏهن ته آرڪيالاجي کاتي جو ڪو به عملدار اڃا تائين ٻيڙي جي معائني لاءِ نه پهتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*