قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي پيپلزپارٽي جي ميمبر ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو آهي ته ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ ايترو پاڻي نٿو ڇڏيو وڃي جو ماڻهو پنهنجي اڃ ختم ڪري سگهن

National-Assembly-3217

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي پيپلزپارٽي جي ميمبر ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو آهي ته ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ ايترو پاڻي نٿو ڇڏيو وڃي جو ماڻهو پنهنجي اڃ ختم ڪري سگهن.

اعتراض واري نڪتي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو ته بدين ۽ گولاڙچي واٽر پلانٽس جو 80 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، پر هلندڙ ترقياتي منصوبن لاءِ فنڊ جاري نٿا ڪيا وڃن.

هن چيو ته بار بار لکڻ جي باوجود ڪو به تدارڪ نه ٿي رهيو آهي، لڳي ٿو ته بدين پاڪستان جي نقشي ۾ موجود ئي ناهي.

ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو ته گهٽ ۾ گهٽ 20 سيڪڙو خرچ ڪري بدين جي ماڻهن کي صاف پاڻي فراهم ڪيو وڃي.

شيخ صلاح الدين چيو ته آدمشماري واري معاملي کي تڪراري نه بنائڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته 19 سالن بعد سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ملڪ ۾ آدمشماري ٿي رهي آهي.

هن چيو ته آدمشماري فارم ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين لاءِ خانو نه رکيو ويو آهي، ان معاملي جي جاچ ٿيڻ گهرجي.

شيخ صلاح الدين چيو ته آدمشماري فارم پينسل سان ڀرجڻ بابت ٻڌايو پيو وڃي، ائين نه ٿيڻ گهرجي فارم صرف پين سان ڀريا وڃن، عوام کي آدمشماري جي ڀريل فارم جي ڪاپي پاڻ وٽ رکڻ گهرجي.

پي ٽي آءِ ميمبر اسد عمر چيو ته ملڪ ۾ گردشي قرض چار سئو ارب کان وڌي ويا آهن، رڳو پي ايس او جو قرض 270 ارب ٿي ويو آهي.

اسد عمر چيو ته وزيراعظم کي ان معاملي جي حوالي سان هنگامي گڏجاڻي گهرائي بحران کي حل ڪرڻ گهرجي، ائين نه ٿئي هڪ ڀيرو ٻيهر گاڏيون بيهي  وڃن.

پيپلزپارٽي جي ستار بچاڻي پاران ڪورم پورو نه هجڻ جي نشاندهي ڪرڻ بعد اجلاس سڀاڻي تائين ملتوي ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*