فيض گنج مان پراسرار نموني گم ٿيل معصوم نينگري 8 ورهين جي تانيا ڌيءَ سارنگ بالادي جو واهه مان لاش هٿ آيو آهي

faiz ganj dead body

فيض گنج مان پراسرار نموني گم ٿيل معصوم نينگري 8 ورهين جي تانيا ڌيءَ سارنگ بالادي جو واهه مان لاش هٿ آيو آهي.

ڳوٺ محمود شاهه اسٽاپ ڀرسان گم ٿيل ٻارڙي جي ڪالهه صبح کان ڳولا ڪئي پئي وئي.

ڳوٺاڻن موجب ٻارڙي ڀرسان گذرندڙ واهه مٿان گُذر لاءِ رکيل ڪاٺيءَ مٿان چڙهندي واهه ۾ ڪِري فوت ٿي آهي.

هنن چيو ته مسلسل ڳولا بعد آبپاشي وارن کان واهه جو پاڻي گهٽ ڪرائي نينگري جي ڳولا ڪئي وئي، جنهن بعد ٻارڙي جو لاش هٿ آيو.

ڳوٺاڻن آبپاشي عملدارن کان مطالبو ڪيو ته واهه مٿان پل ٺهرائي ڏني وڃي ته جيئن ٻيو ڪو جاني نقصان نه ٿئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*