نوابشاهه جي دهشتگرد ٽوڙ عدالت سانگهڙ واقعي جي جوابدارن جي ضمانت رد ڪندي ٻڌڻي 30 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي

Nawabshah map

نوابشاهه جي دهشتگرد ٽوڙ عدالت سانگهڙ واقعي جي جوابدارن جي ضمانت رد ڪندي ٻڌڻي 30 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

دهشتگرد ٽوڙ  عدالت جي جج  عنايت الله ميمڻ جي سربراهي ۾ سانگهڙ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران جوابدار ايم پي اي خليفو وريام فقير، خليفو علي غلام نظاماڻي، ڪاشف نظاماڻي، غلام دستگير راڄڙ، وقار جت ۽ ٻيا پيشا ٿيا.

جوابدار فقير دلبر خان نظاماڻي کي پوليس جي سخت پهري هيٺ دهشتگرد ٽوڙ عدالت ۾ آندو ويو

عدالت ميونسيپل ڪميٽي سانگهڙ جي چيئرمين فقير دلبرخان نظاماڻي جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ٻڌڻي 30 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*