وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته توهين رسالت ڪندڙ انسانيت ۽ اسلام جا دشمن آهن

chodhary nisar

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي  ته توهين رسالت ڪندڙ انسانيت ۽ اسلام جا دشمن آهن، توهين رسالت تي آخري حد تائين وينداسين، مختلف ويب سائيٽس تان گستاخانه مواد هٽايو ويو آهي.

اسلام آباد  ۾ نيوز ڪانفرنس کي  چوڌري نثار چيو ته توهين رسالت جو معاملو ٻين  ملڪن ۾ به اٿا ريو ويندو ته جيئن بهتر نتيجا نڪري سگهن.

چوڌري نثار چيو ته  سوشل ميڊيا تي توهين رسالت جو  سلسلو 2014کان شروع ٿيو ۽ اڃا تائين جاري آهي.

گهرو وزير چيو ته ڏيڍ ارب مسلمانن جي عظيم هستي جي توهين انسانيت جي توهين آهي، ڪو به مهذب انسان اهڙي حرڪت نٿو ڪري سگهي.

هن چيو ته عظيم هستين جي توهين کي آزادي جي راءِ قرار نٿا ڏئي سگهون.

چوڌري نثار  چيو ته ڊان ليڪس بابت رپورٽ اڃا تائين گهرو وزارت کي نه ملي آهي…………

……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*