ڪوئيٽا جي احتساب عدالت خزاني واري اڳوڻي صلاحڪار خالد لانگو، اڳوڻي سيڪريٽري مشتاق رئيساڻي ۽ ڪانٽريڪٽر سهيل مجيد تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو

Mushtaq-Raisani-Quetta-17317

ڪوئيٽا جي احتساب عدالت خزاني واري اڳوڻي صلاحڪار خالد لانگو، اڳوڻي سيڪريٽري مشتاق رئيساڻي ۽ ڪانٽريڪٽر سهيل مجيد تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، ٽنهي جوابدارن پاران ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪيو ويو، ڪيس جي ٻڌڻي 22 مارچ تائين ملتوي ڪئي وئي.

احتساب عدالت ۾ ميگا ڪرپشن ڪيس ٻڌئي ٿي، ٽنهي جوابدارن فرد جرم لاڳو نه ڪرڻ بابت عدالت کي اپيل ڪئي هئي ، جيڪا عدالت رد ڪئي وئي.

عدالت خزاني واري اڳوڻي صلاحڪار خالد لانگو، اڳوڻي سيڪريٽري مشتاق رئيساڻي ۽ ڪانٽريڪٽر سهيل مجيد تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو.

عدالت ۾ ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي دوران ناڻي وارو اڳوڻو سيڪريٽري مشتاق رئيساڻي طبيعت صحيح نه هئڻ سبب پيش ٿي نه سگهيو، ڪيس جي ٻڌڻي 22 مارچ تائين ملتوي ڪئي وئي آهي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*