سنڌ حڪومت پاران پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت آٽي منصوبو قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

cm

 سنڌ حڪومت پاران پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت آٽي منصوبو قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

وزير اعليٰ هائوس ۾ جاري پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشب بابت وڏي وزير جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ پاران عارفه ڪريم آءِ سٽي منصوبو ٺاهڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

 عارفا ڪريم آءِ سٽي لا۽ 200 ايڪڙ زمين موٽروي ويجهو مختص ڪئي وئي آهي.

اجلاس ۾ وزير اعليٰ سيد مراد علي شاهه کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته سنڌ حڪومت دوميسائيل پي آر سي آٽوميشن منصوبو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ڪرڻ چاهي ٿي.

وزير اعليٰ سنڌ کي ٻڌايو ويو ته ان منصوبي تحت پرائيويٽ پارٽنر شپ ذريعي هڪ جديد سافٽ ويئر ٺاهيو ويندو جنهن سان جعلي ڊوميسائيل پي آر سي ٺهي نه سگهندو.

اجلاس منصوبي جي منظوري ڏيندي جلد فزيبلٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*