نصير آباد ۾ حد دخلين خلاف آپريشن جي ٻئي ڏينهن انتظاميا 40 دڪانن جا ڇپرا ڊاهي ڇڏيا آهن ، انتظاميا حددخلين جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروائي جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي

naserabad

نصير آباد ۾ حد دخلين خلاف آپريشن جي ٻئي ڏينهن انتظاميا 40 دڪانن جا ڇپرا ڊاهي  ڇڏيا آهن ، انتظاميا  حددخلين جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروائي جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي.

  ايس ڊي ايم نصير آباد امداد ابڙو ۽ ٽي ايم او  محمد حسين ملاح جي اڳواڻي  ۾ پوليس ۽ ميونسپل عملي آپريشن جي ٻئي ڏينهن گاجي کهاوڙ روڊ ،شاهي بازار ۽ وارهه روڊ وارن علائقن ۾ ڪارروائي ڪئي،

جنهن دوران 40دڪانن جا ڇپرا ڊاهي ريڙها۽ پڙيون هٽايون ويون ،عملي فوٽ پاٿ تي ڪيل قبضن کي پڻ ختم ڪرايو.

 ان موقعي تي ايس ڊي ايم امداد حسين ابڙي  ميڊيا کي ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم جي روشني ۾ حددخلين خلاف  آپريشن  شروع ڪيو ويو آهي ، جيڪو رستن ۽ بازارن  کي ناجائز قبضن کان آجو  ڪرڻ تائين جاري رهندو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*