گڊو ۾ مهاٻوڏ دوران تباهه ٿيل اسڪول جي عمارت تعمير نه ٿيڻ خلاف شاگردن ۽ استادن احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي

guddu

گڊو ۾ مهاٻوڏ دوران تباهه ٿيل اسڪول جي عمارت تعمير نه ٿيڻ خلاف  شاگردن ۽ استادن احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي.

ڳوٺ ساجن واگهڙ جي رهواسين عبدالرحمان واگهڙ، نويد واگهڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مهاٻوڏ ۾ تباهه ٿي ويل سرڪاري اسڪول کي عمارت نه ڏيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته 2010ع جي مها ٻوڏ ۾ اسڪول جي عمارت تباهه ٿي وئي هئي جيڪا 8 سال گذرڻ باوجود  تعمير ناهي ڪرائي وئي.

هنن چيو ته اسڪول جي عمارت نه هجڻ سبب شاگرد کليل آسمان هيٺ تعليم پرائي رهيا آهن.

اڳواڻن چيو ته ڳوٺاڻن ۽ شاگردن پنهنجي مدد پاڻ تحت ڇپرو اڏيو آهي، جتي ڪجهه شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن.

احتجاج ڪندڙن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ڳوٺ ساجن واگهڙ اسڪول کي فوري طور سرڪاري عمارت ٺهرائي ڏني وڃي ته جئين بيچيني ختم ٿي سگهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*