ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رينجرز جون ڪاروايون 4 جوابدار گرفتار ڪري هٿيار ۽ ٻيو سامان هٿ ڪري ورتو آهي

Rangers-Karachi-121016

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رينجرز جون ڪاروايون 4 جوابدار گرفتار ڪري هٿيار ۽ ٻيو سامان هٿ ڪري ورتو آهي.

ترجمان موجب اتحاد ٽائون ۾ ڪاروائي ڪندي هڪ جوابدار سرفراز علي عرف لمبا کي گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن جو تعلق لياري گينگ وار پٺاڻ گروپ سان آهي ۽ جوابدار لياري جي مختلف علائقن ۾ دهشتگردي، اغوا براءِ تاوان ۽ ٻين وارداتن ۾ ملوث هو.

رينجرز ترجمان موجب اورنگي ٽائون جي علائقي ۾ جوا جي اڏي تي ڇاپو هڻي 3 جواري محمد سعيد، منور حسين ۽ محمد يوسف کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

رينجرز ترجمان موجب جوابدارن جي قبضي مان غيرقانوني هٿيار ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو آهي.

ترجمان موجب جوابدارن کي قانوني ڪاروائي لاءِ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*