خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته اسپيڪر اسد قيصر جي معاملي بابت ڊي جي نيب سان ڳالهيون ٿيون آهن

Pervaiz-Khatak-Peshawar-18317

خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته اسپيڪر اسد قيصر جي معاملي بابت ڊي جي نيب سان ڳالهيون ٿيون آهن، اسپيڪر اسد قيصر چيو ته مون تي هڪ به الزام ثابت ٿيو  ته هو سياست ڇڏي ڏيندو.

اسلام آباد ۾ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير پرويز خٽڪ چيو ته جيڪڏهن اسپيڪر اسد قيصر تي الزام ثابت نه ٿيا ته الزام لڳائيندڙ خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

هن چيو ته کيس سئو سيڪڙو اسپيڪر اسد قيصر  جي ڳالهين تي يقين آهي، جاچ ڪيون پيا ته الزام ڇو لڳايا ويا آهن.

پرويز خٽڪ چيو ته صوبائي حڪومت وٽ هر قسم جو رڪارڊ موجود آهي، هنن تي الزام لڳايا ويا آهن ان ڪري هو پريس ڪانفرنس ڪري رهيا آهن.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته مون تي الزام آهي ته بني گالا ۾ منهنجو 35 ڪئنال جو بنگلو آهي، جنهن تي 5 ڪروڙ خرچ به ڪيو آهي.

اسپيڪر اسد قيصر وڌيڪ چيو ته هڪ به الزام ثابت ٿئي ته هو سياست ڇڏي ڏيندو……………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*