هنگورجا ۾ 7 مهينا اڳ پيار جو پرڻو ڪرڻ تان زهر ڏئي قتل ڪيل ڪامران لاڙڪ جي ونيءَ سباش طاهره شاهه پنهنجي اغوا جي الزامن کي رد ڪندي هڪ دفعو وري عدالت ۾ ساهرن سان گڏوڃڻ جو بيان ڏنو آهي

tahira shah

 هنگورجا ۾ 7 مهينا اڳ پيار جو پرڻو ڪرڻ تان زهر ڏئي قتل ڪيل ڪامران لاڙڪ جي ونيءَ سباش طاهره شاهه پنهنجي اغوا جي الزامن کي رد ڪندي هڪ دفعو وري عدالت ۾ ساهرن سان گڏوڃڻ  جو بيان ڏنو آهي ،خيرپور جي عدالت سباش طاهرا شاهه جي والده پاران ڏنل درخواست کي رد ڪري ڇڏيو.

  ايڊيشنل سيشن جج خيرپور جي عدالت ۾سباش طاهراه شاهه جي والده طرفان ڌي جي اغوابابت ڏنل  درخواست تي ٻڌڻي ٿي،   جتي سباش طاهراه شاهه پيش ٿي بيان ڏنو ته هو پنهنجي ساهرن ۾  خوش آهي ۽ هنن وٽ ئي رهڻ چاهي ٿي .

طاهره شاهه وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن سندس والده  ساڻس ملڻ چاهي ٿي ته  هو وٽس حيدرآباد ۾ اچي ملاقات ڪري سگهي ٿي ، عدالت بيان ٻڌڻ کانپوءِ طاهره شاهه کي ساهرن سان گڏ وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

 واضع رهي ته 7مهينا اڳ ڪامران لاڙڪ ۽سباش طاهراه شاهه کي پيار جي پرڻي تان زهر ڏنو ويو هو ، جنهن ۾ ڪامران لاڙڪ فوت ٿي ويو هو .

 بعد ۾طاهراه شاهه صحت مند ٿيڻ کانپوءِ عدالت ۾ پيش ٿي ساهرن سان گڏرهڻ جو بيان ڏنو هو……….a

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*