ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت چڙ ڏياريندڙ تقرير واري ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻ قمر منصور جي 43 لک رپين عيوض ضمانت منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

atc

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت چڙ ڏياريندڙ تقرير واري ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻ قمر منصور جي 43 لک رپين عيوض ضمانت منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، قمر منصور چيو آهي ته ساڻس 50 کان وڌيڪ ماڻهو ڪوڙن ڪيسن ۾ جيلن اندر سڙي رهيا آهن، جن جا وارث در در جون ٺوڪرون کائي رهيا آهن.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت متحده اڳواڻ قمر منصور جي 5 ڪيسن ۾ 43 لک رپين عيوض ضمانت منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

قمر منصور خلاف 22 آگسٽ تي هنگامي ۽ بغاوت جا ٻه ڪيس داخل آهن، جڏهن ته چڙ ڏياريندڙ تقرير وارن ٽن ڪيسن ۾ سهولتڪاريءَ جو الزام آهي.

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي قمر منصور چيو ته 7 مهينن کان بنا ڪنهن ڏوهه جي جيل ۾ قيد رکيو ويو، ساڻس 50 کان وڌيڪ ماڻهو ڪوڙن ڪيسن ۾ جيلن ۾ سڙي رهيا آهن.

هن چيو ته 22 آگسٽ وارن ڪيسن ۾ ڪيترائي اهڙا ڪارڪنن به شامل آهن جيڪي ان رات گهر ۾ستل هئا.

قمر منصور چيو ته جيلن ۾ قيد شهرين جا وارث 7 مهينن جا در در جون ٺوڪرون کائي رهيا آهن……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*