ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل ظهيرالسلام اڄ ريٽائرڊ ٿي رهيو آهي

ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل ظهيرالاسلام اڄ ريٽائرڊ ٿي رهيو آهي، سندس جاءِ تي مقرر ٿيل ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جون ذميواريون سنڀاليندو.

مارچ 2012 ۾ مقرر ٿيل ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل ظهير الاسلام اڄ عهدي تان رٽائرڊ ٿي رهيو آهي، سندس جاءِ تي ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر کي مقرر ڪيو ويو آهي.

ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ماڻڻ کان اڳ رضوان اختر ٽو اسٽار جنرل طور ڊي جي رينجرز سنڌ جون ذميواريون نڀائي رهيو هو، سندس سربراهيءَ ۾ ڪراچي ۾ دهشتگردن ۽ ڀتاخورن خلاف هڪ جامع آپريشن شروع ڪيو ويو.

ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر دهشتگردي جي خاتمي جو ماهر تصور ڪيو وڃي ٿو، جنهن ڪري وفاقي سرڪار کيس ڊي جي رينجرز سنڌ مقرر ڪيو هو.

ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا ۽ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسلام آباد مان گريجوڪيشن ڪئي ۽ امريڪي رياست پنسلوينيا جي آرمي وار ڪاليج مان اسٽريٽجڪ اسٽيڊيز مان ماسٽرز ڊگري حاصل ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*