ايٿوپيا ايرلائنز جو بوئنگ 777 جهاز عديس ابابا کان بيجنگ وڃي رهيو هو ته اڏام دوران ٻن مسافرن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو
ايٿوپيا ايرلائنز جو بوئنگ 777 جهاز عديس ابابا کان بيجنگ وڃي رهيو هو ته اڏام دوران ٻن مسافرن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، عملي ٻنهي مسافرن کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي، جهيڙي دوران ٻئي مسافر ۽ عملي جو هڪ ميمبر به زخمي ٿي پيو.
جهيڙي سبب جهاز کي لاهور جي علامه اقبال انٽر نيشنل ايرپورٽ تي لئنڊنگ ڪرائي وئي.
زخمي مسافرن ۽ عملي کي طبي امداد ڏيڻ بعد جهاز کي سندس منزل بيجنگ ڏانهن روانو ڪيو ويو.
جهاز ۾ عملي سميت 3 سئو مسافر سوار هئا…………