فاروق ستار لنڊن وارن کان عليحدگي ڪري چڪو آهي، سندس گرفتاري واري عمل کي سٺو نٿو سمجهان, اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه

Khursheed-Shah-18317

اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته فاروق ستار لنڊن وارن کان عليحدگي ڪري چڪو آهي، سندس گرفتاري واري عمل کي سٺو نٿو سمجهان.

سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته اليڪشن ڪميشن جو فيصلو آخري هجڻ گهرجي، جڏهن ته نواز ليگ اليڪشن ڪميشن تي دٻاءُ وجهي رهي آهي.

هن چيو ته حڪومت جي ناقص پاليسين سبب هن وقت پاڪستان دنيا ۾ اڪيلو ٿيندو پيو وڃي، جڏهن ته ٻين ملڪن جا ماڻهو ڀارتي وزير اعظم مودي جو استقبال ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته ڊاڪٽر فاروق ستار ايم ڪيو ايم پاڪستا جو پارلياماني ليڊر آهي ۽ هو لنڊن وارن کان عليحدگي جو اعلان به ڪري چڪو آهي، سندس گرفتاري واري عمل کي سٺو نٿو سمجهان.

خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته 15ڏينهن اندر سکر ۾ ڪينسر اسپتال جو بنياد رکيو ويندو، حڪومت ڪينسر جي مريضن جي علاج لاءِ 20 ڪروڙ رپيا ڏيندي.

هن ٻڌايو ته سکر ۾ سڀ کان وڏي اسپورٽس ڪامپليڪس جو ڪم جاري آهي، جيڪو تمام جلد مڪمل ڪيو ويندو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*