پاڪستان بار ڪائونسل فوجي عدالتن جي قيام خلاف سڀاڻي سڄي ملڪ ۾ ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

پاڪستان بار ڪائونسل، فوجي عدالتن جي قيام خلاف سڀاڻي سڄي ملڪ ۾ ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ بار ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪستان بار ڪائونسل جي نئين چونڊيل چيئرمين اعظم نظير طارق چيو ته دهشتگردي جي خاتمي ۽ دهشتگردن کي سزائون ڏيارڻ لاءِ اڳ ئي قانون موجود آهن.

هن چيو ته حڪومت، دهشتگرد جي خاتمي واري قانونن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ ترميم ڪري، وڪيل ان سلسلي ۾ هر قسم جي  معاونت ڪرڻ لاءِ تيار آهن.

پاڪستان بار ڪائونسل جي چيئرمين چيو ته فوجي عدالتون، عدليه جي آزادي خلاف آهن، ملٽري ڪورٽس کي ڪنهن به ريت برداشت نه ڪيو ويندو.

اعظم نظير طارق عدليه جي آزادي خلاف کڄندڙ هر قدم جي مخالفت ڪئي ويندي ۽ ان خلاف ڀرپور جدوجهد ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*