بدين ۾ ٽائون ڪاميٽي ڪڍڻ جي ملازمن ٻن مهينن جون پگھارون نه ملڻ خلاف ميونسپل آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو

Badin-28716

بدين ۾ ٽائون ڪاميٽي ڪڍڻ جي ملازمن ٻن مهينن جون پگھارون نه ملڻ خلاف ميونسپل آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ملازمن پاران انور ملاح، ڪرشن ۽ مير محمد چانڊيو جي اڳواڻي ۾ سي ايم او بدين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ملازمن جو چوڻ هو ته کين ٻن مهينن کان وٺي پگهارون نه ملي رهيون آهن، جنهن تي سندن گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي.

ملازمن الزام لڳائيندي چيو ته ڪڍڻ ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن جي پگهارن تي سي ايم او بدين ۽ هيڊ ڪلرڪ رشوت نه ڏيڻ ڪري صحيحون نه ڪري رهيا آهن.

هنن مطالبو ڪندي چيو ته کين جلد ٻن مهينن جون پگهارون جاري ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*