اسٽينڊنگ ڪميٽي پي او ايف جي اجازت کانسواءِ بڪتربند گاڏيون خريد ڪرڻ تي سنڌ جي گهرو سيڪريٽري کي طلب ڪري ورتو

قومي اسيمبلي جي دفاعي پيدوار بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي پي او ايف جي اجازت کانسواءِ بڪتربند گاڏيون خريد ڪرڻ تي سنڌ جي گهرو سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ کي طلب ڪري ورتو آهي، اجلاس کي بريفنگ ڏني وئي آهي ته ڀارت گڏيل قومن جي سڪيورٽي ڪائونسل جو مستقل ميمبر نٿو ٿي سگهي.

اسلام آباد ۾ قومي اسيمبلي جي دفاعي پيدوار بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين خواجه سهيل منصور جي صدارت هيٺ ٿيو.

اجلاس ۾ ڪميٽي کي چئني صوبن لاءِ بڪتربند گاڏين ۽ ٻي سامان جي خريداري بابت بريفنگ ڏني وئي، دفاعي پيدوارو واري سيڪريٽري اجلاس کي ٻڌايو ته سمورن قانون لاڳو ڪندڙ ادار کي پابند ڪيو آهي ته ايس آر او 2001 جي تحت پوليس ۽ سمورا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ٻاهرين ملڪن بدران پنهنجي ادارن کان گاڏين جي خريداري ڪن.

ڪميٽي چيئرمين سهيل منصور چيو ته پي ايف او جي اجازت کانسواءِ بڪتربند گاڏيون ڇو خريد ڪيون ويون آهن؟، ان سلسلي ۾ چئني صوبن جي چيف سيڪريٽري، گهرو سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ کي طلب ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته سنڌ ۾ بڪتربند گاڏين جي خريداري واري معاملي تي آءِ جي سنڌ ۽ گهرو سيڪريٽري کي پڻ ايندڙ اجلاس ۾ گهرايو وڃي.

اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي دفاعي پيدوار بابت سيڪريٽري راڻا تنوير چيو ته ڀارت سڪيورٽي ڪائونسل جو ميمبر نٿو ٿي سگهي.

راڻا تنوير چيو ته آمريڪا هن خطي ۾ ڀارت کي اڳتي آڻڻ چاهي ٿو پر جيستائين پاڪ-ڀارت تڪرار هلندڙ آهي، تيستائين واشنگٽن کي ائين نه ڪرڻ گهرجي.

ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته ڀارت ۽ آمريڪا ۾ ايٽمي معاهدو پراڻو آهي، رڳو ڀارت نه پر پاڪستان وٽ به ڊرون ٽيڪنالوجي موجود آهي، ضرورت پوڻ تي ڪو به هٿيار ٺاهي سگهجي ٿو.

ڪميٽي کي دفاعي بجيٽ بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته دفاعي بجيٽ  بابت جي ڊي بي 60 يا 70 سيڪڙو نه پر 16 سيڪڙو آهي، حڪومت جواصل مسئلو قرضن جي واپسي آهي، جنهن جي، جـِي ڊي پي 52 سيڪڙو آهي.

دفاعي پيدوار واري سيڪريٽري ٻڌايو ته قرض وٺندڙ واپس نه ڪري رهيا آهن، ان حوالي سان جلد بينڪز به گوڙ ڪنديون، قرض واپس نه ڪندڙن کي پڪڙيو وڃي.

دفاعي پيدوارو واري سيڪريٽري ٻڌايو ته  دفاعي سامان جي سوڊان سان ڏي وٺ بند ڪئي وئي آهي، سوڊان کي پاڪستان جي سامان جا 2 ڏهائي 19 ملين ڊالر ڏيڻا آهن پر رقم ڏيڻ کان انڪار ڪيو پيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*