ٺاروشاهه ۾ ٽائون ملازمن پگهارون نه ملڻ خلاف ڇهين ڏينهن به ڪم بند ڪري۽ گاهه کائي انوکو احتجاج ڪيو

tharu shah

 ٺاروشاهه ۾ ٽائون ملازمن پگهارون نه ملڻ خلاف ڇهين ڏينهن به ڪم بند ڪري۽ گاهه کائي انوکو احتجاج ڪيو،ملازمن ٽي ايم او ۽ ٽائون چيئرمين تي انتقامي ڪارروائي ڪرڻ جو الزام هنيوآهي.

ٽائون ڪميٽي ٺاروشاهه جي ملازمن پگهارون نه ملڻ خلاف ڇهين ڏينهن به صفائي جو ڪم بند ڪري ٽائون ڪميٽي اڳيان گاهه کائي انوکو احتجاج ڪيو، ان موقعي تي ملازمن لالو شيخ، جاويد شيخ، الاهي بخش چانڊيو ۽ ٻين ٽائون چيئرمين ۽ ٽي ايم او ڀريا تي الزام هنيو ته هو چئن مهينن کان سندن پگهارون روڪي کين انتقام جو نشانوبڻائي رهيا آهن .

هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پگهارون نه ملڻ سبب دڪاندارن اوڌرڏيڻ بند ڪري ڇڏي آهي ،گهرن جي بجلي ۽ گيس جا ڪنيڪشن پڻ ڪٽجي چڪا آهن ،ملازمن چتاءُ ڏنو ته پگهارون ملڻ تائين سندن احتجاج جاري رهندو.

هوڏانهن صفائي عملي جي هڙتال سبب سڄو شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*