سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڊاڪٽر عاصم حسين جي ضمانت وارين ٻن درخواستن تي ڌرين جا دليل مڪمل ڪري عدالت فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي

sindh-high-court

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڊاڪٽر عاصم حسين جي ضمانت وارين ٻن درخواستن تي ڌرين جا دليل مڪمل ڪري عدالت فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻن ججز جي اختلافي فيصلي سبب ٻڌڻي ڊاڪٽر عاصم جي درخواستن تي ريفري جج جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ ڪئي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ريفري جج جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ جي عدالت ڊاڪٽر عاصم حسين جي ٻن ڪيسن ۾ ضمانت وارين درخواستن تي ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو، ان کان اڳ ٻن ججز اختلافي فيصلو ڏنو، هڪ جج فاروق شاهه ڊاڪٽر عاصم جي ضمانت واري درخواست رد ڪئي هئي، جڏهن ته جسٽس محمد ڪريم خان آغا ميڊيڪل رپورٽس جي بنياد تي ضمانت منظور ڪئي هئي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڊاڪٽر عاصم جي وڪيل لطيف کوسي دليل ڏيندي چيو ته ڊاڪٽر عاصم کي طبي سهولتون فراهم نٿيون ڪيون وڃن، پاڪستان ميڊيڪل بورڊ جيڪا رپورٽ ڏني آهي، ان تي غور نٿو ڪيو وڃي.

 نيب جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته ڊاڪٽر عاصم جي ميڊيڪل بنياد تي ضمانت جو ڪو به جواز ناهي ڊاڪٽر عاصم اسپتال ۾ داخل آهي، جتي علاج جي هر سهولت آهي.

ڊاڪٽر عاصم جي وڪيل لطيف کوسي عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته احتساب عدالت ۾  ڊاڪٽر عاصم کي طبي سهولتون فراهم نٿيون ڪيون وڃن، هن چيو ته پوليس وٽ هجي يا رينجرز وٽ، حراست حراست هوندي آهي.

لطيف کوسه چيو ته ميڊيڪل بورڊ جيڪا رپورٽ ڏني آهي، ان تي غور نٿو ڪيو وڃي، ڊاڪٽر عاصم ڪڏهن مڇر ناهي ماريو ۽ نيب وري هن کي دهشتگرد قرار ڏنو آهي.

ڊاڪٽر عاصم جي وڪيل چيو ته جيڪڏهن ڊاڪٽر عاصم جو علاج نه ڪرايو ويو ته ان جي زندگي کي خطرو آهي ۽ هو معذور به ٿي سگهي ٿو.

هن چيو ته 2 سال ٿيڻ تي آهن پر ڊاڪٽر عاصم کي بيماري جي علاج لاءِ ضمانت نه پئي ڏني وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*