فيض گنج ۾ سول جج هاءِ اسڪول، ڪاليج ۽ رورل هيلٿ سينٽر تي ڇاپا هڻي رڪارڊ پهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي

faiz ganj

فيض گنج ۾ سول جج هاءِ اسڪول، ڪاليج ۽ رورل هيلٿ سينٽر تي ڇاپا هڻي رڪارڊ پهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

سول جج معشوق علي ڏاهري اچانڪ هاءِ اسڪول پڪاچانگ تي ڇاپو هنيو ته گسٽا سنڌ جو صدر استاد اشرف خاصخيلي موجود نه هئو.

سول جج استاد کي اسڪول ۾ موجود نه هجڻ سبب غير حاضر ڪيو ۽ ڪلاسن جو دورو ڪرڻ سان گڏ  مسٽ رول پنهنجي تحويل ۾ ورتو.

رورل هيلٿ سينٽر تي به سول جج فيض گنج معشوق علي ڏاهري اوچتو ڇاپو هنيو ته ملازمن ۾ ٿرٿلو پئجي ويو.

سول جج ايم ايس جي آفيس ۾ پهچي ملازمن جي حاضري چيڪ ڪرڻ بعد اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ، ايمبولنس، الٽرا سائونڊ خراب هجڻ سميت ٻين مسئلن کي ٺيڪ ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون.

ان کانپوءِ سول جج فيض گنج معشوق ڏاهري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪرونڊي جو دورو به دورو ڪيو.

ان موقعي تي سول جج معشوق ڏاهري چيو ته استاد ڪاليج ۾ پنهنجي حاضري کي يقيني بڻائي ٻارڙن جي تعليم تي ڌيان ڏين……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*