بک ۽ بيمارين سبب ٿر ۾ وڌيڪ 2 ٻارڙا فوت ٿي ويا انگ وڌي 378 ٿي ويو

ڏڪار سٽيل ٿر ۾ انساني جانيو ضايع ٿيڻ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو، مٺي سول اسپتال ۾ وڌيڪ 2 ٻارڙا فوت ٿي ويا، جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 378 ٿي ويو آهي.

مٺي سول اسپتال ۾ پورهيت محمد موسيٰ جو 23 ڏينهن جو پٽ ظهير احمد فوت ٿي ويو، جڏهن ته ساڳئي اسپتال ۾ پورهيت جاويد لنڊ جي 8 ورهين جي ڌيءُ زاهده دم ڏنو.

ٿر ۾ چئن مهينن دوران بک ۽ بيمارين وگهي فوت ٿيلن جو انگ وڌي 378 ٿي ويو آهي، پر سرڪار پاران موت جي راڪاس کي روڪڻ لاءِ ڪي به عملي قدم نه کنيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*