جيڪب آباد ۾ ٽريڪٽر ٽرالي جو ٽڪر لڳڻ سبب معصوم ٻارڙو چيڀاٽجي فوت ٿي ويو

جيڪب آباد ۾ ٽريڪٽر ٽرالي جو ٽڪر لڳڻ سبب معصوم ٻارڙو چيڀاٽجي فوت ٿي ويو، ٻارڙي جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

اقراءَ اسڪول ڀرسان مٽي سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي جو ٽڪر لڳڻ سببب 6 ورهين جو ٻارڙو غلام ياسين لاشاري چيڀاٽجي فوت ٿي ويو.

واقعي بعد ٽريڪٽر ڊرائيور فرار ٿي ويو، جڏهن ته ٻارڙي جو لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*