رتوديرو ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو

رتو ديرو ۾ ليڊي ھيلٿ ورڪرز مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو آهي.

ليڊي هيلٿ ورڪرز طاهره ابڙو، تسليم ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  تعلقا اسپتال کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي ليڊي هيلٿ ورڪرز جو چوڻ هو ته عدالتي حڪم باوجود رتو ديرو تعلقي جي ليڊي هيلٿ ورڪرز کي 4 مهينن کان پگهارون جاري ناهن ڪيون ويون.

هنن چيو ته ڪيرن ئي ليڊي هيلٿ ورڪرز کي اڃا تائين جواننگ آرڊر ناهن مليا، جنهن سبب هو مجبور ٿي احتجاج ڪري رهيون آهن.

ليڊي هيلٿ ورڪرز پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو کان مطالبو ڪيو ته کين رهيل پگهارون جاري ڪري جواننگ آرڊر به  ڏنا وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*