پ پ سنڌ جي صدر ۽ سينيئر صوبائي وزير نثار کهڙي چيو آهي ته آدمشماري تي وفاقي سرڪار جي نيت تي شڪ آهي

nisar khoro

پ پ سنڌ جي صدر ۽ سينيئر صوبائي وزير نثار کهڙي چيو آهي ته آدمشماري تي وفاقي سرڪار جي نيت تي شڪ آهي، شرجيل ميمڻ جي گرفتاري مناسب نه هئي، پاناما ڪيس جي مک جوابدار نوازشريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڇو نه پيو ڪيو وڃي.

سکر ۾ اڳوڻي ايم پي اي جاويد شاهه جي رهائشگاهه تي ڪارڪنن جي گڏجاڻي کي خطاب ڪندي نثار کهڙي چيو ته وفاقي سرڪار آدمشماري جي معاملي کي ڳجهو رکڻ چاهي ٿي، جنهن تي کين خدشا آهن.

سندس چوڻ هو ته سي پيڪ منصوبي جو ڪريڊٽ نوازشريف نه ٿو کڻي سگهي، اهو منصوبو آصف زرداري شروع ڪيو،

هن چيو ته پ پ ڪراچي سرڪيولر ريلوي ۽ ٻيا منصوبا سي پيڪ ۾ شامل ڪرايا.

هن وڌيڪ چيو ته شرجيل ميمڻ عدالتي جي ضمانت تي اسلام آباد پهتو هو، سندس گرفتاري مناسب نه هئي.

سينيئر صوبائي وزير چيو ته پاناما ليڪس ۾ نوازشريف جو به نالو آهي، ان جو نالو اي سي ايل ۾ ڇو نه پيو شامل ڪيو وڃي

نثار کهڙو چيو ته اسحاق ڊار عدالت ۾ مني لاڊرنگ جو اعتراف ڪيو، ان خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.

سينيئر صوبائي وزير چيوته 4 اپريل تي شهيد ڀٽي جي ورسي جي تقريب ملهائڻ جي لاءِ تياريون جاري آهن، ڪارڪن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندا………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*