پيار جو پرڻو ڪندڙ ڪاڇي جو جوڙو ڌمڪيون ملڻ سبب 8 مهينن کان دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آهي

wahi pandi premi joro

پيار جو پرڻو ڪندڙ ڪاڇي جو جوڙو ڌمڪيون ملڻ سبب 8 مهينن کان دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آهي.

 نوجوان نديم احمد لنڊ ۽ سندس گهر واري روشنه واهي پانڌي پريس ڪلب ۾ صحافين آڏو احتجاج ڪندي چيو آهي ته شريعت محمدي ۽ قانون موجب 8 مهينا اڳ لاڙڪاڻي جي عدالت  پسند جو پرڻو ڪيو هو.

هنن چيو ته عدالتي پرڻو ڪرڻ بعد روشنه جو پيءِ صالح ۽ سندس مائٽ دشمن بڻجي ويا آهن.

هنن چيو ته ڦر ۽ ڌاڙي جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪري اسان کي حراسان ڪري ڪيو پيو وڃي.

هنن آءِ جي سنڌ ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ، ايس ايس پي دادو ۽ ٻين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته سندن جان  بچائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*