بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي کان پوءِ سنڌ به پراڻي مالياتي ايوارڊ تي بجٽ تيار ڪرڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي،صوبائي وزيرمنظور وساڻ چيو آهي ته وفاقي حڪومت نئين مالياتي ايوارڊ جو اعلان ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي

manzoor wasan

بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي کان پوءِ سنڌ به پراڻي  مالياتي ايوارڊ تي بجٽ تيار ڪرڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي،صوبائي وزيرمنظور وساڻ چيو آهي ته وفاقي حڪومت نئين مالياتي ايوارڊ جو اعلان ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي.

صنعت واري صوبائي وزير  چيو ته  وفاق سنڌ کي حصي جي بجٽ نه پيو ڏئي، هن چيو ته سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي پراڻي اين ايف سي ايوارڊ تي بجٽ تيار ڪرڻ جي مخالفت ڪيون ٿا.

صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجي وسيلن مان ترقياتي ڪم ڪري رهي آهي، وفاق آمدني مان هڪ روپيو به نه پيو ڏئي.

منظور وسان چيو ته نون ليگ اقتدار ۾ صرف هڪ صوبي ۽ ڊويزن جي علامت هوندي آهي ۽ پيپلز پارٽي اقتدار دوران وفاق جي علامت ثابت ٿيندي آهي.

هن چيو ته ڏکڻ پنجاب جي عوام  جانورن سان گڏ پاڻي پئي پيئي ۽ پنجاب سرڪار صرف لاهور ۾ ترقياتي ڪم ڪرائڻ ۾ پوري آهي.

منظور وسان چيو ته هڪ صوبي کي خوش ڪرڻ لاءِ وزير اعظم ٻين صوبن کي ننڍڙي ڪالوني پيو سمجهي، هن چيو ته وفاقي حڪومت کي گڏيل مشاورتي اجلس گهرائي صوبن کي نئون مالياتي ايوارڊ ڏنو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*