نئين ديري ويجهوسڱاوتي تڪرار تان قتل ڪيل ڳوٺاڻي جي ڪيس ۾ گهربل جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتول جي ٻارڙن۽گهر واري طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي

Naudero

نئين ديري ويجهوسڱاوتي تڪرار تان  قتل ڪيل ڳوٺاڻي جي ڪيس ۾ گهربل جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتول جي ٻارڙن۽گهر واري طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي.

 ڳوٺ فيض محمد جيهو ۾ 3 مهينا اڳ نياڻيءَ جو سڱ نه ڏيڻ تان قتل ڪيل ڳوٺاڻي در محمد جيهو جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتول جي بيواهه  سردار خاتون  نياڻين صائمه ۽ صائقه هٿن ۾ جوابدارن جون تصويرون کڻي نئين ديري پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهروڪيو.

 ان موقعي تي  بيواهه سردار خاتون چيو ته جوابدار نصير محمد جيهو ۽ الاهي بخش جيهو آزاد گهمي رهيا آهن پر پوليس کين گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.

 هن الزام هنيو ته جوابدار کين ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.

  احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيوته جوابدارن کي گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*