پنجاب يونيورسٽي ۾ شاگردن جي ٻن گروپن ۾ جهيڙي دوران 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جنهن دوران شاگردن هڪ گروپ جي ڪيمپ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو

punjab uni

پنجاب يونيورسٽي ۾ شاگردن جي ٻن گروپن ۾ جهيڙي دوران 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جنهن دوران شاگردن هڪ گروپ جي ڪيمپ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، ڇڪتاڻ وڌي وڃڻ کانپوءِ يونيورسٽي انتظاميا وڏي پوليس نفري کي مقرر ڪري ڇڏيو آهي.

پنجاب يونيورسٽي ۾ هڪ شاگرد گروپ پاران فيسٽيول لاءِ ڪيمپ لڳائي وئي ته ٻئي گروپ حملو ڪري ڪيمپ کي باهه ڏئي ڇڏي، جنهن دوران جهيڙي جي نتيجي ۾ 5 شاگرد زخمي ٿي پيا.

ٻنهي گروپن ۾ جهيڙي کانپوءِ پوليس شاگردن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ شيلنگ ۽ لٺبازي ڪئي، جنهن بعد پوليس جي وڏي نفري يونيورسٽي ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستن تي مقرر ڪئي وئي آهي.

شاگردن جي ٻنهي گروپن ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ هاسٽل تائين پهچي وئي آهي، جنهن کانپوءِ يونيورسٽي جي وي سي پوليس کي وڌيڪ الرٽ ڪري ڇڏيو آهي.

پنجاب يونيورسٽي جي ترجمان چيو آهي ته يونيورسٽي جون حالتون ڪنٽرول ۾ آهن، پوليس کي ڪارروائي لاءِ چئي ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*