نوابشاهه ۾ آبادگارن پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري آبپاشي کاتي جي عملدارن خلاف نعريبازي ڪئي

nawabshah

نوابشاهه ۾ آبادگارن پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري آبپاشي کاتي جي عملدارن خلاف نعريبازي ڪئي.

ملواهه شاخ ۽ جادو مائينر جي آباد گارن اسد الله انڙ جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو .

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته شاخن ۾ گذريل 20 ڏينهن کان پاڻي نه آهي جنهن سبب ٽيوب ويلن تي زمينون آباد ڪري رهيا آهن.

هنن چيو ته آبپاشي عملدار وڏن زميندارن کي پاڻي وڪروڪري رهيا آهن، جنهن سبب پڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي نه پيو ملي.

اڳواڻن چيو ته چونڊيل نمائندا به ڪا ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهن، جنهن سبب سندن زمينون غيرآباد ٿي رهيون آهن.

 هنن چيو ته جمال شاهه شاخ مان هڪڙي شاخ منظور ڪئي وئي هئي پر بااثر ماڻهو ان تي قابض بڻجي ويا آهن،

اڳواڻن اعليٰ اختيارين کي مطالبو ڪيو ته پاڻي جي کوٽ کي ختم ڪري ڳرا بل موڪلڻ وارو سلسلو بند ڪرايو وڃي ته جئين هو پريشاني کان بچي سگهن………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*