نوابشاهه ۾ ايريگيشن کاتي جي ملازمن آصف زرداري طرفان نوٽيس وٺڻ جي خوشي ۾ ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو آهي

nawabshah

نوابشاهه ۾ ايريگيشن کاتي جي ملازمن آصف زرداري طرفان نوٽيس وٺڻ جي خوشي ۾ ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو آهي.

اقبال احمد لاڙڪ، محمد عثمان ڏاهري ۽ علي نواز واسواڻو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سندن احتجاج جو نوٽيس ورتو آهي، تنهن کين تمام گهڻي خوشي ٿي آهي.

هنن چيو ته روهڙي ڪينال کي مڪمل پڪو ڪرڻ سان گڏ آر بي او ڊي رٿا کي ختم ڪيو وڃي.

اڳواڻن چيو ته سنڌ جي 2400 ملازمن کي پڪو ڪرڻ، ايريگيشن جي سرڪاري پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائي ٽيليفون آپريٽرن کي گزيٽڊ هاليڊي ڏنو وڃي

اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ايريگيشن جي ملازمن جا مطالبا تسليم ڪرڻ جو فوري طور تي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي ته جئين هو پريشاني کان بچي سگهن………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*