سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ خريف جي پوکي دوران پاڻي جي جو ذميوار وفاق کي قرار ڏيندي چيو آهي ته، پاڻي جي معاملي تي سي سي آءِ ۾ بحث ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت جي اختيارين کي لکيو

cm

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ خريف جي پوکي دوران پاڻي جي جو ذميوار وفاق کي قرار ڏيندي چيو آهي ته، پاڻي جي معاملي تي سي سي آءِ ۾ بحث ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت جي اختيارين کي لکيو پر انهن ان معاملي کي نظر انداز ڪري ڇڏيو، تربيلا ڊئم سميت سمورن ڊئمن جا انتظام سنڌ ۽ بلوچستان جي حوالي ڪيا وڃن.

وڏي وزير مراد علي شاهه سي ايم هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته، سنڌ ۾ خريف جي پوکي دوران سنڌ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ پيدا ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو آهي.

مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جي ذميوار پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزارت آهي، پاڻي جي کوٽ جي سڄي ذميواري وفاقي سرڪار جي آهي، تربيلا ڊئم جو سمورو انتظام سنڌ ۽ بلوچستان حڪومت جي حوالي ڪيو وڃي.

وڏي وزير جو چوڻ هو ته، وفاقي حڪومت ۽ پنجاب سرڪار ملي ڀڳت ڪري سنڌو درياءَ مان وڌيڪ ٻه نوان ڪئنال ڪڍڻ جي رٿابندي ڪري رهي آهي، جيڪو عمل ڪنهن به صورت ۾ قبول نه هوندو.

وفاقي حڪومت پاران سنڌ طاس معاهدي تي ڀارت سان ڳالهين واري عمل ۾ سنڌ سميت ڪنهن به صوبي سان صلاح مشورو نه ڪيو.

وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته، پاڻي جي کوٽ دوران خريف جي پوکي گهٽ کان گهٽ متاثر ٿيڻ لاءِ رٿابندي ڪئي پئي وڃي، پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ خريف جي پوکي دوران واهن جي وارابندي تي به غور ڪيو پيو وڃي.

مراد علي شاهه چيو ته، پاڻي جي کوٽ جي نتيجي ۾ ڪپهه جو مقرر هدف متاثر ٿي سگهي ٿو جنهن جا اثر ملڪي معيشت تي به پوندا.

مختلف سوالن جا جواب ڏيندي وڏي وزير چيو ته، پاڻي جي کوٽ وارن ڏينهن ۾ پيئڻ جي پاڻي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ پهرين ترجيح آهي، ڪراچي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ نه ٿيندي ڇو ته، ڪينجهر ڍنڍ ۾ پاڻي جهجهي مقدار ۾ موجود آهي.

هن چيو ته نيب شرجيل ميمڻ کي گرفتار ڪري اسلا آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪمن جي خلاف ورزي ڪئي آهي، عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي خلاف عدالت کي ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.

وڏي وزير چيو ته وفاقي ادارا اسان سان زيادتيون ڪري رهيا آهن جنهن جون شڪايتون ڪندا رهيا آهيون، هاڻي وڌيڪ اهڙن عملن کان پاسو ڪري اسان ڪنهن به ڪارروائي ڪرڻ لاءِ مجبور نه ڪيو وڃي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*