داعش ۾ اهي ماڻهو آهن جيڪي نالا تبديل ڪري حڪومت کي ڊيڄاري رهيا آهن خورشيد شاهه

اپوزيشن ليڊر خورشيد شاه چيو آهي ته، داعش ۾ اهي ماڻهو آهن، جيڪي نالا تبديل ڪري حڪومت کي ڊيڄاري رهيا آهن، امريڪا جا ڀارت سان معاهده خطي لاءِ خطرناڪ آهن.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته، حڪومت ۽ مخالف ڌر گڏجي ويهي پرڏيهي پاليسيءَ جو نئين سر جائزو وٺن.

هن چيو ته، امريڪا جي چوڻ ته ايران سان گئس بند ڪري رهيا آهيون، پاڪستان دنيا ۾ امريڪا کي ماسٽر بڻائي ڇڏيو آهي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته، داعش ۾ اهي ئي ماڻهو آهن، جيڪي نالا تبديل ڪري حڪومت کي ڊيڄاري رهيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*