آءِ ايم ايف طرفان اڄ پاڪستان لاءِ پنجين ۽ ڇهين قسط جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويندو

پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ هڪ ڏهائي هڪ بلين ڊالر قرض جي ٻن قسطن لاءِ ڳالهه ٻولهه حتمي مرحلي ۾ داخل ٿي وئي، حڪومت طرفان پاور سيڪٽر اندر سبسڊي ۾ گهٽتائي کانپوءِ اڄ هڪ ڏهائي هڪ بلين ڊالر جي ٻن قسطن جي جاري ڪرڻ بابت اعلان جو اڄ امڪان آهي.

ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار گذريل ڏينهن آءِ ايم ايف سان دبئي ۾ ڳالهيون ڪيون، جن ۾ ناڻي واري سيڪريٽري، ايف بي آر چيئرمين، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ۽ ناڻي واري وزارت جا اعليٰ عملدار موجود هئا.

ذريعن موجب حڪومت طرفان آءِ ايم ايف کي آگاهه ڪيو ويو ته قرض جي شرطن تحت بجلي تي ڏنل سبسڊي گهٽ ڪئي وئي آهي ۽ قيمتن ۾ به اضافو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گئس تي به سبسڊي ختم ڪئي پئي وڃي.

ذريعن موجب ڳالهيون بهتر ماحول ۾  ٿيون، آءِ ايم ايف طرفان پاڪستان لاءِ هڪ ڏهائي هڪ بلين ڊالر قرض جي پنجين ۽ ڇهين قسط جاري ڪرڻ جو اڄ باقاعده اعلان ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*