ڊاڪٽر شڪيل اوج جي قتل ڪيس جي جوابدار جو تعلق متحده سان آهي ڪراچي پوليس چيف غلام قادر ٿيٻو

ڪراچي پوليس چيف غلام قادر ٿيٻو ڊاڪٽر شڪيل اوج ۽ پروفيسر سبط حسن جي قتل ڪيس جي  جوابدار محمد منصور کي ميڊيا آڏو پيش ڪري ڇڏيو آهي، اي آءِ غلام قادر ٿيٻو چيو آهي ته گرفتار جوابدار اعتراف ڪيو آهي ته سندس تعلق متحده سان آهي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اي آءِ جي غلام قادر ٿيٻو چيو آهي ڊاڪٽر شڪيل اوج جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پوليس کي وڏي محنت ڪرڻي پئي، شهر اندر پروفيسرز، ڊاڪٽرن جي ٽارگيٽ ڪلنگ تي ڳڻتي آهي، جنهن لاءِ جوڳا قدم کنيا پيا وڃن.

اي آءِ جي چيو آيه ته گرفتار جوابدار منصور لياقت جو رهواسي ۽ سرڪاري ملازم آهي، گرفتار جوابدار 1993ع ۾ سياسي جماعت سان واسطو رکندڙ 3 ڪارڪنن کي قتل ڪيو هو.

ڪراچي پوليس چيف غلام قادر ٿيٻو جو چوڻ هو ته گرفتار جوابدار اعتراف ڪيو آهي ته سندس واسطو متحده سان آهي، گرفتار جوابدار منصور رينجرز اهلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ به ملوث آهي.

اي آءِ جي جو چوڻ هو ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هلندڙ سال ٽارگيٽ ڪلنگز جي واقعن ۾ گهٽتائي آئي آهي، جڏهن ته ڊسٽرڪٽ سينٽرل ۾ وڌندڙ ٽارگيٽ ڪلنگ تي انتهائي ڳڻتي آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ اي آءِ جو چوڻ هو ته پوليس جو ڪم گرفتار ڪرڻ ۽ جاچ ڪرڻ آهي ، جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي، جنهن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*