نئين ديري ۾ ٽائون ملازمن طرفان ٺارو شاهه ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جي حمايت ۽ مطالبن جي مڃتا لاءِ مظاهرو ڪيو ويو آهي

Naudero

 نئين ديري ۾ ٽائون ملازمن طرفان ٺارو شاهه ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جي حمايت ۽ مطالبن جي مڃتا لاءِ  مظاهرو ڪيو ويو آهي.

آل سنڌ لوڪل گورنمنٽ ايمپلائيز يونين جي صدر حافظ مشتاق احمد ڪوريجو، محمد قاسم جويو، بشير احمد شيخ، زاهد ڀٽو ۽ٻين جي اڳواڻي ۾  نئون ديرو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

 ان موقعي تي اڳواڻن  چيو ته سنڌ۾مڪاني ادارن جي ملازم کي پگهارون نه ملي رهيون آهن، جنهن ڪري ملازم معاشي بدحاليءَ جو شڪار بڻيل آهن.

باقراڻي تعلقي جي ملازمن کي اڪائونٽن ۾ رقم پيل هجڻ باوجود گذريل 4 مهينن کان پگهارون ناهن ڏنيون ويون.

 هنن مطالبو ڪيو ته ٺارو شاهه ۾ پگهارون نه ملڻ ڪري پاڻ کي باهه ڏئي ساڙيندڙ ملازم جو ڪيس ٽائون انتظاميا تي داخل ڪري ملازم جو علاج سرڪاري خرچ تي ڪرايو وڃي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*