نواز ليگ اڳواڻ دانيال عزير چيو آهي ته عمران خان فارين فنڊنگ ڪيس ۾ اسٽي آرڊر پويان لڪي رهيو آهي

daniyal aziz

نواز ليگ اڳواڻ دانيال عزير چيو آهي ته عمران خان فارين فنڊنگ ڪيس ۾ اسٽي آرڊر پويان لڪي رهيو آهي، مٿس تنقيد ڪئي وڃي ٿي ته هو بليڪ ميلنگ تي لهي اچي ٿو.

اسلا ۾ آباد ۾  وزير اعظم هائوس جي ترجمان مصدق ملڪ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي دانيال عزيز چيو ته  عمران خان کي هر حال ۾ جواب ڏيڻو پوندو، مٿس تنقيد ڪئي وڃي ٿي ته هو بليڪ ميلنگ تي لهي اچي ٿو.

هن چيو ته عمران خان فارين فنڊنگ ڪيس ۾ اسٽي آرڊر پويان لڪي رهيو آهي.

نواز ليگ اڳواڻ چيو ته عمران خان 90 ڏينهن اندر خيبر پختون خواهه مان ڪرپشن ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو پر سندن صوبي ۾ خيبر بئنڪ ۽ اسپيڪر اسد قيصر جي ڪرپشن جا اسڪينڊلز سامهون آيا آهن………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*