سنڌي ۽ اردو جي نامياري شاعر سائل آزاد جي طبعيت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي، ثقافت کاتي سندس جي ڪا به سار نه لڌي آهي

khi poet

سنڌي ۽ اردو جي نامياري شاعر سائل آزاد جي طبعيت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي، ثقافت کاتي سندس جي ڪا به سار نه لڌي آهي.

ناميارو شاعر سائل آزاد ساهه جي تڪليف سبب ڪيترن ئي مهينن کان بستر حوالي آهي.

صحافين پاران رابطو ڪرڻ تي سائل آزاد چيو ته مهانگائيءَ ڪري علاج نه ٿو ڪرائي سگهان.

هن چيو ته گذريل ڪيترن مهينن کان ساهه جي تڪليف سبب بستر حوالي آهيان، ثقافت کاتي به سار ناهي لڌي.

سائل آزاد وڌيڪ چيو ته جناح اسپتال ويس پر ڊاڪٽرن داخل ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي واپس ڪري ڇڏيو.

هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سندس جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي واهر ڪئي وڃي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*