وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي توهين رسالت پوري اسلامي دنيا جو مسئلو آهي

Ch-Nisar-121216

 وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي توهين رسالت پوري اسلامي دنيا جو مسئلو آهي، معاملي تي گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ اسلامي ملڪن جي سفيرن جو اجلاس جمعي تي گهرايو آهي، سوشل ميڊيا خلاف سخت ڪارروائي ڪري سگهجي ٿي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چوڌري نثار چيو ته مذهب کي نشانو بڻائڻ کي اظهار جي آزادي نٿو چئي سگهجي،يورپ ۾ هولو ڪاسٽ تي شڪ ڪندڙن تي قيامت برپا ڪئي وڃي ٿي.

 وفاقي گهرو وزير چيو ته  سوشل ميڊيا اسان جي مذهب ۽ ايمان کان اهم نه آهي، مذهبي هستين جي توهين برداشت نه ڪئي ويندي.

وفاقي وزير چيو ته  فيس بڪ انتظاميا پنهنجو وفد پاڪستان موڪليندي، سوشل ميڊيا باز نه آئي ته سخت قدم کنيا ويندا.

چوڏري نثار چيو ته توهين رسالت معاملي تي سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو آهي، ان معاملي تي گڏيل حڪمت عملي جوڙي ويندي.

وفاقي گهرو وزير چيو ته سوشل ميڊيا تي مذهبي هستين جي توهين وارو مواد رکڻ واري معاملي تي غور ڪرڻ لاءِ جمعي تي  مسلمان ملڪن جي سفيرن جو اجلاس  گهرايو ويو آهي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*