روهڙي ۽ محرابپور ويجهو ريلوي ٽريڪ تي ڌار ڌار ڌماڪن سبب اپ ٽريڪ بند ڪئي وئي

Rainwaly-Track-Blast-22317

روهڙي ۽ محرابپور ويجهو ريلوي ٽريڪ تي ڌار ڌار ڌماڪن سبب اپ ٽريڪ بند ڪئي وئي، بم ڊسپوزل اسڪواڊ جو چوڻ آهي ته روهڙي ويجهو ٿيل ڌماڪو ريموٽ ڪنٽرول وسيلي ڪيو ويو ۽ ٽن کان چار پائونڊ مادو استعمال ڪيو ويو آهي.

روهڙي ويجهو مصري شاهه جي مڪان وٽ ريلوي ٽريڪ تي ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ ٽريڪ جو 5 فوٽ ٽڪرو اڏامي ويو.

اطلاع تي سکر مان بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي عملي پهچي ڌماڪي واري هنڌ جو معائنو ڪيو.

بم ڊسپوزل اسڪواڊ عملي جو چوڻ آهي ته ڌماڪو ريمورٽ ڪنٽرول وسيلي ڪيو ويو، جڏهن ته ان ۾ ٽي کان چار پائونڊ ڌماڪيدار مادو استعمال ڪيو ويو.

ڌماڪي سبب اپ ٽريڪ تي ٽرينن جي اچ وڃ بند ٿي وئي آهي، ۽ پنجاب ويندڙ شاليمار ايڪسپريس ۽ پاڪستان ايڪسپريس سميت ٻين ٽرينن کي روهڙي ۽ خيرپور جي ريلوي اسٽيشنز تي روڪيو ويو آهي.

محرابپور ويجهو لانگڙ شاخ وٽ پڻ ريلوي جي اپ ٽريڪ تي ڌماڪو ٿيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ پٽڙي جو ڏيڍ فوٽ ٽڪرو اڏامي ويو.

ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڪنهن به جاني نقصان جا اطلاع ناهن، جڏهن ته ڌماڪي سبب اپ ٽريڪ تي ٽرينن جي آمدرفت معطل ٿي وئي آهي.

اطلاع تي بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي عملي پهچي ڌماڪي واري جاءِ جو معائنو ڪيو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*