يوم پاڪستان جي موقعي تي ڏينهن جي شروعات گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 31 ۽ چئني صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21،21 توپن جي سلامي سان ڪئي وئي

Nawaz-Sharif-Manoon-23317

يوم پاڪستان جي موقعي تي ڏينهن جي شروعات گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 31 ۽ چئني صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21،21 توپن جي سلامي سان ڪئي وئي، صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان ڀارت سان ڳالهين لاءِ تيار آهي پر نئين دهليءَ جي غير ذميواراڻي رويي خطي جي امن کي داءَ تي لڳائي ڇڏيو آهي.

اسلام آباد ۾ فوجي پريڊ کي خطاب ڪندي صدر ممنون حسين چيو ته آپريشن ردالفساد ۾ بچيل دهشتگردن کي ختم ڪيو ويندو.

صدر ممنون حسين چيو ته ڪشمير مسئلي جو پرامن نموني سان حل چاهيون ٿا، ڀارت مسلسل سرحدي معاهدن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حل ڪيو وڃي، جيڪا ڪشميرين جي خواهش به آهي.

صدر ممنون حسين چيو ته ماضي جي ڀيٽ ۾ اڄ پاڪستان وڌيڪ محفوظ آهي، آپريشن ردالفساد ۾ دهشتگردن جو مڪمل خاتمو آندو ويندو.

يوم پاڪستان جي موقعي تي هٿياربند فوجن، رينجرز جوانن ۽ ايئر فورس جي جنگي جهازن شاندار پريڊ جو مظاهرو ڪيو.

پريڊ تقريب ۾ وزيراعظم نواز شريف،آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، نيوي سربراهه ذڪاءُ الله، ايئرفورس جي سربراهه سهيل امان سميت ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.

Army-Cheiaf-23rd-March-23317

پريڊ تقريب ۾ پهريون ڀيرو چيني فوج جي ٽنهي دستن سميت سعودي عرب ۽ ترڪي جي فوجي دستن شرڪت ڪئي، چيني فوج جي دستي پاران پاڪ – چين دوستي زنده باد جا نعرا پڻ هنيا ويا.

China-Force-23rd-March-23317

اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ قوم پاڪستان جي موقعي تي موبائل سروس بند آهي.

ٻئي طرف سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ يوم پاڪستان جي حوالي سان تقريبون جاري، مختلف شهرن ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويو آهي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*