پاڪستاني قيادت مختلف چئلنجز جو ڀرپور نموني سان مقابلو ڪيو آهي، پاڪستان جي ترقي لاءِ کنيل قدمن مان هو خوش آهن, چيني صدر ۽ وزيراعظم

China-Pm-23317

چيني صدر ۽ وزيراعظم چيو آهي ته پاڪستاني قيادت مختلف چئلنجز جو ڀرپور نموني سان مقابلو ڪيو آهي، پاڪستان جي ترقي لاءِ کنيل قدمن مان هو خوش آهن.

چيني صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ يوم پاڪستان جي موقعي تي پيغام ۾ چيو ته پاڪستاني حڪومت ۽ عوام کي مبارڪون پيش ڪريون ٿا.

هنن چيو ته چين پاڪستان سان اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي اهميت ڏئي ٿو، پاڪستاني حڪومت سان گڏجي لاڳاپن کي نين بلندين تائين پهچائڻ چاهيون ٿا.

چيني صدر ۽ وزيراعظم چيو ته سي پيڪ منصوبي تي تيزي سان ڪم اڳتي وڌي رهيو آهي، منصوبو ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*