لاڙڪاڻي ۾ يوم پاڪستان جي موقعي تي ريلي ڪڍي قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويو آهي
لاڙڪاڻي ۾ يوم پاڪستان جي موقعي تي ريلي ڪڍي قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويو آهي.
ميونسيپل ڪارپوريشن ميئر اسلم شيخ، ڊي سي ڪاشف ٽيپو، ايس ايس پي عمر طفيل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڊي سي هائوس کان ريلي ڪڍي وئي.
ريلي ۾ رينجرز، پوليس، واپارين، سياسي، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته يوم پاڪستان تي هو دشمنن کي پيغام ڏيڻ چاهين ٿا ته سڄي قوم متحد آهي.
اڳواڻن چيو ته سڪيورٽي ادارا ملڪ جي حفاظت ڪري رهيا آهن، دهشتگردي جي ڪا به گنجائش نه آهي……….