لالو رائنڪ ۾ شهرين وڌندڙ گندگي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري انتظاميه خلاف سخت نعريبازي ڪئي

laruknak-Gandagi-Protest-23317

لالو رائنڪ ۾ شهرين وڌندڙ گندگي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري انتظاميه خلاف سخت نعريبازي ڪئي.

خالد تنيو ۽ امجد تنيو جي اڳواڻي ۾ تنيا پاڙي جي رهواسين وڌندڙ گندگي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مظاهرين چيوته انتظاميه جي بي ڌياني سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي، ڪوبه نوٽيس نه پيو وٺي.

اڳواڻن چيو ته احتجاج باوجود شهر ۾ صفائي جي انتظامن کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪي به قدم نه پيا کنيا وڃن.

هنن چيو ته صفائي نه ٿيڻ سبب شهر ۾ ڪچري جا ڍير لڳي ويا آهن، جنهن سبب ماڻهو بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن.

اڳواڻن مطالبو ڪيو ته وس وارا نوٽيس وٺي شهر ۾ صفائي سٿرائي جا انتظام بهتر بڻائين ته جئين ماڻهو بيمارين کان بچي سگهن………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*