ڪشمور ضلعي جي شهر بڊاڻي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شٽربند هڙتال ڪري احتجاج ڪيو ويو

Bukhshapur-Protest-23317

ڪشمور ضلعي جي شهر بڊاڻي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شٽربند هڙتال ڪري احتجاج ڪيو ويو، شهرين سنڌ سرڪار کان معاملي جو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي.

بڊاڻي جي شهرين ۽ واپارين دڪاندار ڪيلاش ڪمار کان ڦر واقعي خلاف شهر ۾ احتجاج ڪري شٽربند هڙتال ڪئي.

مظاهرين جو چوڻ هو ته شهر  ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي، پوليس ڏوهارين خلاف ڪا به ڪارروائي نه پئي ڪري.

هنن چيو ته پوليس شهر ۾ امن امان قائم ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته دڪاندار کان ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*