ايم ڪيو ايم جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ شٽربند هڙتال ڪراچي جا اڪثر ڪاروباري مرڪز بند

متحده ڪارڪن سهيل احمد جي قتل خلاف ايم ڪيو ايم جي سڏ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڦيٿا روڪ ۽ شٽربند هڙتال  آهي، ڪراچي جا اڪثر ڪاروباري مرڪز ناهن کلي سگهيا ۽ شهر جي اهم رستن تي ٽرانسپورٽ پڻ معمول کان گهٽ آهي

ايم ڪيو ايم پاران ڪارڪن سهيل احمد جي قتل خلاف سڄي ملڪ ۾ سوڳ ملهايو پيو وڃي، جڏهن ته  سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڦيٿا روڪ ۽ شٽربند هڙتال آهي.

ٽرانسپورٽ اتحاد ۽ ڪراچي تاجر اتحاد پاران ايم ڪيو ايم جي سوڳ جي حمايت سبب ڪراچي ۾ ڪاروباري مرڪز مڪمل طور تي بند آهن ۽ ٽرانسپورٽ به معمول کان گهٽ آهي، جنهن سبب شهري سخت ڏکيائن کي منهن ڏئي رهيا آهن.

ايم ڪيو ايم جي سوڳ واري سڏ تي ڪراچي يونيورسٽي، لياري، وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ رٿيل پيپرز ملتوي ڪيا ويا آهن، يونيورسٽيز انتظاميه موجب، پيپرن جي نئين تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.

ڪراچي جيان سنڌ جي ٻين شهرن، حيدرآباد، سکر، نوابشاهه،  ميرپورخاص، ٽنڊو آدم، ٽنڊو الهيار ۾ ڪاروباري مرڪز نه آهن کلي سگهيا، جڏهن ته ٽرانسپورٽ به معمول کان گهٽ آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*