ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ يوم پاڪستان جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي

Sukkur-23317

 ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ يوم پاڪستان جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي.

لاڙڪاڻي ۾ ٽريڊ هائوس فيڊريشن پاران يوم پاڪستان جي سلسلي ۾ نذير شيخ، طارق ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته هو يوم پاڪستان کي جوش ۽ جذبي سان ملهائي رهيا آهن.

هنن چيو ته ملڪ جي ترقي لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

قمبر  جي مختلف علائقن ۾ رهواسين قومي جهنڊا هٿن ۾ کڻي ريلي ڪڍي ۽ پاڪ فوج جي حمايت ۾ نعرا هنيا.

نوابشاهه ۾ 23 مارچ جي حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ ڊپٽي ڪمشنر نعمان صديق، پ پ ضلعي صدر علي اڪبر جمالي ۽ ميونسپل ڪميٽي نوابشاهه جي چيئرمين محمد عظيم مغل سان گڏجي قومي جنهنڊو ڦڙڪايو.

Nawab-Shah-Relly-23317

ڪوٽڙي جي گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج ۾ 23هين مارچ جي سلسلي ۾ تقريب ڪوٺائي وئي.

تقريب ۾ اسڪولن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ٽيبلوز پيش ڪيا ۽ ثقافتي ويس پهري قومي گيتن تي رقص ڪيو.

ان موقعي تي ڊي سي ڄامشورو منور علي مهيسر، ڊي ايس پي خالد اقبال، اي ڊي او ايجوڪيشن سرور ملاح ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ملڪ دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي، سڀني کي متحد ٿيڻو پوندو.

فيض گنج ۾ به يوم پاڪستان جي حوالي سان ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

اڳواڻن چيو ته ملڪ جي خوشحالي لاءِ هر هڪ فرد کي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

يوم پاڪستان جي موقعي تي قومي امن ڪاميٽي ميرپور ماٿيلو پاران پاڪ فوج جي حمايت ۾ ريلي ڪڍي وئي.

ان موقعي تي مجيب الرحمان مرڻاس،عبدالمجيد جلباڻي،هادي بخش جلباڻي ۽ ٻين چيو ته ملڪ جي سلامتي لاءِ پاڪ فوج اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ آپريشن ردالفساد جي حمايت ڪريون ٿا.

واهي پانڌي ۾ قومي امن ڪاميٽي ۽ استقام پاڪستان جي طرفان يوم پاڪستان جي حوالي سان عرفان روستماڻي طارق سومرو علي گل لاشاري ۽ لياقت روستماڻي جي اڳواڻي ۾ پيٽرول پمپ کان گورک چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*