ڪنڊيارو ۾ قومي شاهراهه تي قائم ٽول پلازه تي ٽيڪس جي اوڳاڙي خلاف 46هين ڏينهن به ٽرانسپورٽرز ۽ شهرين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو

kandiaro-toll-plaza-protest-23317

 ڪنڊيارو ۾ قومي شاهراهه تي قائم ٽول پلازه تي ٽيڪس جي اوڳاڙي خلاف 46هين ڏينهن به ٽرانسپورٽرز ۽ شهرين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

شهرين ۽ ٽرانسپورٽرز مير خان سهتو، خالد ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسٽار چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪرڻ بعد احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ڪنڊيارو ٽول پلازه انتظاميا مقامي ماڻهن زبردستي ٽول ٽئڪس وٺي رهي آهي، جنهن جو نوٽيس ورتو وڃي.

هنن چيو ته ٽئڪس نه ڏيڻ جي صورت ۾ ڊرائيورن تي سخت تشدد ڪري تذليل ڪئي وڃي ٿي.

هنن چيو ته ملڪ جي هر ضلعي ۾ هڪ ٽول پلازه قائم ٿيل آهي پر نوشهروفيروز ضلعي اندر 35 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي ٻه ٽول پلازه  قائم ڪيون ويون آهن، جيڪو عمل غيرقانوني آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته غيرقانوني ٽيڪس اوڳاڙي جو نوٽيس وٺي، ٽول پلازه ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*