آزادي واري تحريڪ کي وقتي طور دٻائي سگهجي ٿو، پر هميشه لاءِ ختم ڪري نٿو سگهجي، ڀارت ۾ مقرر پاڪستاني هاءِ ڪمشنر عبدالباسط

Abdul-Basit-India-Pak-233317

ڀارت ۾ مقرر پاڪستاني هاءِ ڪمشنر عبدالباسط چيو آهي ته آزادي واري تحريڪ کي وقتي طور دٻائي سگهجي ٿو، پر هميشه لاءِ ختم ڪري نٿو سگهجي، ڪشميرين جي جدوجهد ڪامياب ٿيندي.

نئين دهلي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن ۾ يوم پاڪستان جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي هاءِ ڪمشنر عبدالباسط چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت ۾ جيترا به مسئلا ۽ تڪرار آهن، اهي پرامن طريقي سان حل ڪيا ويندا.

هن چيو ته ڪشمير مسئلو ڪشميري عوام جي خواهشن موجب حل ڪرڻ چاهيون ٿا،ڪشميرين جي جدوجهد ڪامياب ٿيندي.

عبدالباسط وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي ڳالهين واري عمل کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، اميد ته پاڪستان ۽ ڀارت جا لاڳاپا بهتر ٿي ويندا.

تقريب ۾ اسڪول جي ٻارڙن ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا، جڏهن ته وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*